پاڪستان ۾ ڪرپشن جو لفظ ٻڌڻ ۾ عام ايندو آهي ڪو نئون ڪونهي، البتہ ٻين صوبن جو حال ڪهڙو بہ پر خاص طرح سنڌ صوبي تي نظر ڦيرايون تہ سنڌ جي سرڪاري ادارن جو حال ئي بيحال لڳو پيو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جو ڪوبہ ادارو رشوت خوري ۽ حرام خوريءَ کان پاڪ نہ هوندو. بحرحال سنڌ جي فئنانس شعبي جي ڳالھ ڪجي تہ اتي وڌيڪ ڪرپشن جا چوٻول ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ۽ جيڪا حالت غريب طبقي سان ٿئي ٿي اهي تہ سرڪاري ادارن جا پنڌ ڪري ڪري جتيون ئي ويچارن جون کسي ٿيون وڃن ليڪن ڪم نٿو ٿئي. بحرحال ان شعبي جي هڪ وڏي چين ٺهيل آهي ان ۾ نہ صرف هڪ پٽيوالو، پر سڀ آفيسر ملوث آهن. جيئن ضلعي جو اڪائونٽ آفيسر، آڊيٽر، جنرل آڊيٽر، ليب اسسٽنٽ، نائب قاصد، پٽيوالو، ڪلرڪ سڀ جو سڀ مال لٽن ٿا، ۽ ڪنهن بہ عام ماڻهو جو تيستائين ڪم نٿو ٿئي جيستائين پئسا نٿا ڀرن، خير صاحبان، ڪرپشن ڪيئن ٿئي ٿي ان جي وضاحت هيٺ ڪجي ٿي.
ٽريزري شعبي بابت سڀني کي خبر هوندي تہ هي شعبو ڇا جي لاءِ آهي ۽ ڪهڙو ان اداري جو ڪم آهي؟ اها تہ سڀني کي خبر آهي پر ان ڊپارٽمينٽ وارا ماڻهو ڪرپشن ڪيئن ڪن ٿا 1 سڀ کان پهريان جڏهن بہ انهن وٽ ڪو بہ ڪم اچي ٿو جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو آهي تہ ان کي بليڪ ميل ڪري موٽائي ٿا ڇڏن، پر اهو ماڻهو ڪيترائي پنڌ ڪري ٿو نيٺ اهو ماڻهو پئسن تي اچي ٿو يا وري ايجنٽ کي اهو ڪم ڏئي ڇڏي ٿو. ڇو تہ ايجنٽ ڪم جلدي ۾ ڪم ڪرائي ٿو اچي.
2 ٻئي پوائنٽ اها آهي تہ ٽريزري شعبي ۾ بجيٽ جو چئي ماڻهن کي بيوقوف ڪن ٿا، سائين بجيٽ ناهي توهان جو ڪم.ڦلهال ڪونہ ٿيندو. پوءِ ائين چئي ماڻهن جا ڪم روڪي ٿا ڇڏن، پر جيڪڏهن توهان پئسا ججها ڏيندؤ تہ اوهان جو ڪم جلدي ٿي ويندو پوءِ جنهن پئسا گهٽ ڀريا هوندا تہ ان کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندا، گهڻن پئسن وارو ڪم جلدي ڪري ڇڏيندا. اها اندر جي صورتحال آهي. ائين ئي ڪم رهيا آهن بحرحال ڪيتريون ئي پوائنٽس آهن جيڪي آهستہ آهستہ اپلوڊ ڪيون وينديون.
قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس هڪ رشوت خوري جوا جو اڏو آهي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو احساس ناهي جيڪي فوتي ڪيس آهن انهن جو ڪم جلدي هلائڻو پوندو آهي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو حڪم بہ آهي تہ جيئن جلدي فوتي وارثن کي پگهار ملي سگهي. پر اسان خزاني واري فيس ۾.موئل ماڻهو هجن يا، پرڻيل هجن سڀ حلال ڪري کائن ٿا. ڪرپشن جي هڪ وڏي چين آهي. جيڪا آهستہ سڄي اوهان جي سامهون رکبي تہ جيئن قمبر ضلعي جو عوام سجاڳ ٿي.
Tag Archives: ant corruption
What is an example of corruption?
When officials of a government, or any organization. Exceeds and abuses their position of authority for the intent of personal gain. Eg. I’m a government official in charge of highway repair. I award a repair contractor with a $2 million dollar road repair contract. Providing he builds me a mile long driveway to one of my houses for free. By concealing the cost of my driveway into the highway repair contract.

What is an example of corruption?
When officials of a government, or any organization. Exceeds and abuses their position of authority for the intent of personal gain. Eg. I’m a government official in charge of highway repair. I award a repair contractor with a $2 million dollar road repair contract. Providing he builds me a mile long driveway to one of my houses for free. By concealing the cost of my driveway into the highway repair contract.

سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس.
هوئنن تہ پاڪستان ۾ ڪرپشن جو لفظ ٻڌڻ ۾ تہ الاهي ڀيرا آيو ۽ پڙهيو بہ هوندو،وري خبرن ۾ تہ ڪيترائي ڀيرا ٻڌو بہ آهي. ليڪن ڪرپشن حقيقت جي خبر شايد ڪنهن کي هجي. آخر ڪرپشن ٿيندي ڪيئن آ ۽ ڪيئن ان جي خبر پوي هيءَ ڪرپشن آهي. بدعنواني بي ايماني يا هڪ ڏوهن جو هڪ روپ آهي جيڪو اختيار جي حيثيت ۾ رکيو ويو آهي، ۽ غير قانوني فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ويندو آهي. جيئن غلط ڪم ڪرڻ ان تي پنهنجو ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ“ صاحبان! ڳالھ هيءَ آهي تہ جڏهن مان پاڻ ان شيء جي تحقيق ڪئي ۽ خبر پئي تہ ڪرپشن هن طريقي سان ٿيندي آهي ۽ ان جو هي قسم آهي. منهنجي خيال ۾ ڪيترائي ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ پئسا ڏئي غير قانوني ڪم پنهنجو ڪرائي ايندا آهن ۽ گهڻن ماڻهن کي اها خبر بہ ناهي هوندي تہ ڪوئي ڪم پئسن کان سواءِ نہ ٿيندو ۽ ڪوئي ڪم پئسن کان سواءِ بہ ٿيندو. ادارن ۾ ويٺل آفيسر عوام جي لاءِ آهن نہ ئي ٻئي مخلوق لاءِ.
اسان ٿوري نظر سنڌ صوبي جي سرڪاري ادارن تي ڦيرايون، ڳالھ ڪيون تہ منهنجي خيال ۾ ڪوبہ ادارو ڪرپشن کان پاڪ نہ هوندو جيئن مثال ڏيئون هيلٿ جو ادارو، روينيو جو ادارو، ايجوڪيشن جو ادارو، ٽريزري جو ادارو، پوليس جو ادارو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ادارا آهن جنهن ۾ ڪرپشن سرعام هلي رهي آهي ۽ حقيقت اها آهي انهن سرڪاري ادارن جو اهو حال آهي جواوهان جو ننڍي کان ننڍو ڪم بہ هوندو ان جي لاءِ اوهان کي پئسا ڏيڻا پوندا تڏهن توهان جو ڪم جلدي ٿيندو نہ تہ ڀلي سال گذري وڃن ليڪن ڪم ڪونہ ٿيندو مثال ائين ئي آهي جيئن گاڏيءَ ۾ پئٽرول هوندو تہ گاڏي بہ هلندي جيڪڏهن پئٽرول نہ هوندو تہ گاڏي بہ ڪونہ هلندي.
هاڻي مان هتي پنهنجو تفصيلي حال احوال لکندو هلان جيڪو مون سان پيش آيو ۽ مان انهن ادارن مان ڪيئن ڪم ڪرايو ۽ ڪم هلندڙ بہ آهي ۽ اها هڪ تمام وڏي ڪهاڻي بہ آهي. صاحبان! ڳالھ اها آهي تہ جڏهن منهنجو والد صاحب گذريل سال فوت ٿي ويو هو ۽ آن سروس تي فوت ٿي چڪا هئا پاڻ ايجوڪيشن کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي استاد پڻ هئا. ظاهر آهي تہ جيڪو سرڪاري ملازم حاضر سروس تي فوت ٿي ويندو آهي ان جي لاءِ ريڪوائرمينٽ هوندي آهي تہ پهريان ان فوتيءَ جا ڪجھ سرٽفيڪٽ ٺهرائبا آهن پوءِ ٻئي ڪاروائي شروع ٿيندي آهي تہ جيئن جلدي جلدي ۾ وارثن کي پئسا ملي سگهن. بحرحال ڳالھ جو مقصد اهو آهي تہ هتي اسان وٽ نہ ڪو قانون آهي ۽ نہ ئي ان تي ڪو ترت عمل ٿيندو آهي هتي سسٽم اهڙو آهي “جيڪو ڏاڍو سو گابو“باقي نارمل رينج وارو ماڻهو ويٺو رڙيون ڪري. هر ننڍي کان ننڍو ادارو سرڪاري فيس کان علاوه پنج کان ڏھ هزار وٺن ٿا ۽ ٻئي حيرت جي ڳالھ اها آهي تہ جنهن ڊاڪيومينٽس تي ٽي اي او يا ڊي اي او، يا ڊائريڪٽر جي صحيح ٿيڻي آهي ان جا الڳ الڳ پئسا ورتا وڃن ٿا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پئسا نٿو ڏي تہ ان کي ڪلارڪ چون ٿا صاحب ڪونهي اڄ موڪل تہ آهي ڀلي صحيح جي لاءِ اڳليو ماڻهو پيو پنڌ ڪري.
البتہ ان سڄي قانوني ڪاروائي کانپوءِ ضلعي جي اڪاؤنٽس آفيس ۾ جڏهن پراسيز ايندو آهي تہ ڦلهال ان ماڻهو سان صحيح نہ ڳالهائيندا ۽ نہ ئي ڪا صحيح معلومات ڏيندا ۽ نئين ماڻهو کي ويٺا پنڌ ڪرائيندا. ان جو سبب اهو هوندو آهي تہ هي ماڻهو ڪنهن ايجنٽ کي ڪم ڏي جيئن اسان کي پئسا آساني سان ملي سگهن. هاڻي جڏهن آخر ۾ پنڌ ڪري ڪري ٿڪبو تہ مجبوراً پئسن ڏيڻ تي مجبور ٿيندو ۽ مالڪ پاڻ ئي چوندو تہ جيڪي پئسا وٺو مان ڏيندس بس! مونکي ڪم ڪري ڏيو، پوءِ بہ جلدي ۾ ڪم نہ ڪندا ان ۾ بہ ٽائيم لڳي ويندو آهي.
منهنجي خيال ۾ پوري سنڌ ۾ ساڳيو ئي مسئلو آهي خاص طرح مٿان کان هيٺ تائين جيئن ڪراچي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ وري پوءِ ٽريزري ڊپارٽمينٽس جيڪي بہ ضلعي ۾ ٽريزريز آفيس آهن انهن جو حال اهوئي هوندو سڀني ۾ ڪرپشن هوندي نہ صرف قمبر جي آفيس ۾ پر ٻئي هند هجي يا ڪيتري حد تائين هجي ليڪن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٽريزري آفيس ۾ ڪرپشن سرعام آهي ۽ سرعام ماڻهن کان پئسا وٺي ڪري پوءِ ڪم ڪن ٿا. انهن جو وڏو گروھ آهي جيئن ايجنٽ، اسان جا ويچارا سنڌي ماڻهو دير ئي نہ ڪندا آهن پئسن ڀرڻ ۾، ڪوئي بہ ڪم هجي ان جا پرسنٽ ڳالهائيندا مثال لک تي ٽي پرسنٽ، جيڪڏهن اڃان وڌيڪ رقم هوندي تہ ان جا اڃان وڌيڪ پرسنٽ ڏيڻا پون. جيڪي ماڻهو پئسا نٿا ڏين انهن جو ڪم رولهڙي جو شڪار ٿيو وڃي ڀلي سال لڳي وڃن. جيڪڏهن ٽريزري آفيس ۾ ڪم آهي تہ ان جي لاءِ ذهن ٺاهي ڇڏجي تہ پئسا ڏئي ڪم پوءِ وٺجي نہ تہ ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيندو.
افسوس جي ڳالھ اها آهي تہ جيڪي ادارا ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ آهن ۽ ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن اهي ادارا تہ ڪنهن ڪم جا ئي نہ آهن اهي ادارا پاڻ ڪرپٽ آهن جيڪڏهن ڪو پڙهيل لکيل ماڻهو ڪمپلين ڪري تہ ان کان بہ ڪمپلين جا پئسا وٺن ٿا، ۽ ٻئي ڳالھ اها تہ جنهن ماڻهوءَ جي خلاف ڪمپلين ڪريو بہ صحيح ليڪن ان تي ايڪشن نہ کنيو ويندو ڇو تہ اهو ادارو هر مهيني اينٽي ڪرپشن وارن کي ۽ نيب وارن کي پئسا ڏئي ٿو. البتہ قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس جي هڪ ملازم ٻڌايو تہ مان هر مهيني پنج هزار نيب وارن کي ۽ پنج هزار اينٽي ڪرپشن وارن کي ڏيندو آهيان جيڪڏهن هڪڙي مهيني پئسا نہ ڀريندو آهيان تہ ان ڏينهن اسان جي لاءِ مصيبت هوندي آهي. بحرحال اها هڪ وڏي چين آهي ڪيئن آفيسر ڪلارڪ، پٽيوالا ڪرپشن ڪري رهيا آهن
اسان سدائين ائين چوندا ايندا آهيون تہ اسان جا اٻوجھ سنڌي ماڻهو انهن سان ظلم آهي سنڌين سان ناحق آهي ظلم آهي ڪيترائي ادارا آهن جيڪي ڦلاهي ڪم ڪري رهيا آهن ليڪن اسان ڪڏهن بہ ڪرپشن جي خلاف لڙنداسين ڪونہ، اسان سدائين هتي وڏيرن کي گاريون ڏيندا آهيون ليڪن ڪڏهن بہ سرڪاري آفيسر خلاف احتجاج نہ ڪندا آهيون حالانڪہ اها سڀني کي خبر هوندي آهي تہ سنڌ جي سرڪاري ادارن جو هي حال آهي مونکي تہ افسوس ٿيندو آهي آخر ڪڏهن تبديلي ايندي ۽ جيڪڏهن ايندي بہ صحيح اها ڪيئن ايندي. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٽئڪنالاجي ايتري تہ وڌي وئي آهي جو هو هر شيءِ آن لائن ڪري ڇڏي اٿن. اڃان اسان وٽ پراڻو سسٽم موجود آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي وارڌات جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪي اڪثر ڪري ٽارگيٽ ڪلر، يا ڦورو اهي ڪيمرا جي اک ۾ مڪمل ريڪارڊ ٿيل هوندا آهن ليڪن اڄ ڏينهن تائين ڪا بہ انويسٽيگيشن ايتري حد ڪامياب ناهي وئي جيئن جلد ۾ چور پڪڙي انهن کي سخت سزا ڏني وڃي. جيڪڏهن توهان کي اين سي يا ايف آءِ آر درج ڪرائڻي آهي تہ ان جا پئسا ڀرڻا پوندا آهن افسوس ٿيندو آهي دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي پر اسان هڪ ٻئي کي پٽڻ ۽ کائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهيون.
حالانڪہ ڪرپشن صرف اسان جي ملڪ جو مسئلو ناهي ڪرپشن ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي پر تنهن هوندي بہ اهي ملڪ هاڻي اسان کان ائڊوانس ٿي ويا آهن اسان جي ملڪ کان بنگلاديش بہ گهڻي ڀاڱي ميلن ۾ ميدان ماري ويو آهي. اسان سدائين ڳالھ ڪندا آهيون تہ اسان جو ملڪ هن طرح سان ترقي ڪري سگهي ٿو، پر تيستائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين ادارا ٺيڪ طرح سان ڪم نہ ڪندا جيڪڏهن ادارا ٺيڪ طرح سان ڪم نہ ڪندا تہ ملڪ ڪڏهن بہ ترقي نہ ڪندو. علامہ آءِ آءِ قاضي هڪ تقرير ۾ چيو هو تہ هر هڪ سرڪاري ملازم پبلڪ سرونٽ آهي يعني عوام جو نوڪر، پوءِ اي سي هجي يا ڊي سي هجي صدر، وزيراعظم کان ويندي هڪ اسڪيل تائين سڀئي عوام جي لاءِ آهن اهي ڪنهن کان بہ مٿي نہ آهن. جيڪڏهن هر ملازم کي اها سوچ هجي تہ الائي تہ ڇا ٿي ويندو!
سنڌ صوبي جي حالت منهنجي خيال ۾ جتي ڪٿي اها ئي هوندي. جيئن قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس جو حال آهي مونکي بہ سال پورو ٿيڻ وارو آهي اڃان ڪم مڪمل ناهي ٿيو، ۽ مان پوري تحقيق ڪئي آهي ڪيترن ئي ڪلارڪن آڊيٽرن ٻڌايو تہ هتي جيڪو بہ ايندو آهي اهو پئسا ڀريندو آهي، ڇو تہ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي بہ پئسا ڏيڻا پوندا آهن. ٽريزري آفيس جي هڪ جونيئر آڊيٽر ٻڌايو تہ ڊيٿ ڪيس جا پئسا نہ ورتا ويندا آهن جيڪڏهن پئسا وٺي ڪم ڪن ٿا انهن تي ڪيس بہ ٺهي سگهي ٿو. هڪ ٻئي رٽائرڊ آفيسر ٻڌايو تہ فوتي ڪيس جلدي هلائڻو پوندو آهي تہ جيئن وارث گهر جو خرچ پکو هلائي سگهن.
بحرحال هيءَ صورتحال سنڌ صوبي جي سڀني اڪائونٽس آفيس ۾ هوندي جيئن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ آهي هتي اسان مثال سدائين ٻڌندا اچئون تا تہ ڏنو پٽ ڇٽي جو! ليڪن هاڻي ائين نہ ٿيندو مان سڀني کي گذارش ڪندس ٻيلي اوهان پنهنجو حق وڙهي وٺو، ۽ جيڪڏهن توهان جو ڪم نٿو ٿئي تہ ڪمپلين ڪريو، اگر ڪمپلين تي ڪم نٿو ٿئي تہ اوهان ڪورٽ سڳوريءَ ۾ ڪيس پٽيشن داخل ڪرايو، ۽ سٺي ۾ سٺو ٻيو ذريعو سوشل ميڊيا آهي اوهان سوشل ميڊيا تي پنهنجو آواز بلند ڪريو انشاالله هڪ ڏينهن ضرور ايندو نہ صرف توهان جو ڪم بلڪہ پوري عوام جي لاءِ سهولت بڻجي ويندو. هر عام ماڻهو بہ آساني سان ڪم ڪرائي ويندو.
مدثر بيدار چانڊيو
