قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس ۾ ڪرپشن

پاڪستان ۾ ڪرپشن جو لفظ ٻڌڻ ۾ عام ايندو آهي ڪو نئون ڪونهي، البتہ ٻين صوبن جو حال ڪهڙو بہ پر خاص طرح سنڌ صوبي تي نظر ڦيرايون تہ سنڌ جي سرڪاري ادارن جو حال ئي بيحال لڳو پيو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جو ڪوبہ ادارو رشوت خوري ۽ حرام خوريءَ کان پاڪ نہ هوندو. بحرحال سنڌ جي فئنانس شعبي جي ڳالھ ڪجي تہ اتي وڌيڪ ڪرپشن جا چوٻول ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ۽ جيڪا حالت غريب طبقي سان ٿئي ٿي اهي تہ سرڪاري ادارن جا پنڌ ڪري ڪري جتيون ئي ويچارن جون کسي ٿيون وڃن ليڪن ڪم نٿو ٿئي. بحرحال ان شعبي جي هڪ وڏي چين ٺهيل آهي ان ۾ نہ صرف هڪ پٽيوالو، پر سڀ آفيسر ملوث آهن. جيئن ضلعي جو اڪائونٽ آفيسر، آڊيٽر، جنرل آڊيٽر، ليب اسسٽنٽ، نائب قاصد، پٽيوالو، ڪلرڪ سڀ جو سڀ مال لٽن ٿا، ۽ ڪنهن بہ عام ماڻهو جو تيستائين ڪم نٿو ٿئي جيستائين پئسا نٿا ڀرن، خير صاحبان، ڪرپشن ڪيئن ٿئي ٿي ان جي وضاحت هيٺ ڪجي ٿي.
       ٽريزري شعبي بابت سڀني کي خبر هوندي تہ هي شعبو ڇا جي لاءِ آهي ۽ ڪهڙو ان اداري جو ڪم آهي؟ اها تہ سڀني کي خبر آهي پر ان ڊپارٽمينٽ وارا ماڻهو ڪرپشن ڪيئن ڪن ٿا 1 سڀ کان پهريان جڏهن بہ انهن وٽ ڪو بہ ڪم اچي ٿو جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو آهي تہ ان کي بليڪ ميل ڪري موٽائي ٿا ڇڏن، پر اهو ماڻهو ڪيترائي پنڌ ڪري ٿو نيٺ اهو ماڻهو پئسن تي اچي ٿو يا وري ايجنٽ کي اهو ڪم ڏئي ڇڏي ٿو. ڇو تہ ايجنٽ ڪم جلدي ۾ ڪم ڪرائي ٿو اچي.
2 ٻئي پوائنٽ اها آهي تہ ٽريزري شعبي ۾ بجيٽ جو چئي ماڻهن کي بيوقوف ڪن ٿا، سائين بجيٽ ناهي توهان جو ڪم.ڦلهال ڪونہ ٿيندو. پوءِ ائين چئي ماڻهن جا ڪم روڪي ٿا ڇڏن، پر جيڪڏهن توهان پئسا ججها ڏيندؤ تہ اوهان جو ڪم جلدي ٿي ويندو پوءِ جنهن پئسا گهٽ ڀريا هوندا تہ ان کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندا، گهڻن پئسن وارو ڪم جلدي ڪري ڇڏيندا. اها اندر جي صورتحال آهي.  ائين ئي ڪم رهيا آهن بحرحال ڪيتريون ئي پوائنٽس آهن جيڪي آهستہ آهستہ اپلوڊ ڪيون وينديون.
   قمبر ضلعي جي ٽريزري آفيس هڪ رشوت خوري جوا جو اڏو آهي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو احساس ناهي جيڪي فوتي ڪيس آهن انهن جو ڪم جلدي هلائڻو پوندو آهي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو حڪم بہ آهي تہ جيئن جلدي فوتي وارثن کي پگهار ملي سگهي. پر اسان خزاني واري فيس ۾.موئل ماڻهو هجن يا، پرڻيل هجن سڀ حلال ڪري کائن ٿا. ڪرپشن جي هڪ وڏي چين آهي. جيڪا آهستہ سڄي اوهان جي سامهون رکبي تہ جيئن قمبر ضلعي جو عوام سجاڳ ٿي.